SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ادب جو سماجي ڪارج


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ادب جو سماجي ڪارج

(Social function of literature)

ادب جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته ادب جي سماجي ڪارج سماجي عڪاسيءَ تائين ارتقائي سفر ڪيو آهي، مثال طور هڪ وقت اهڙو هو، جڏهن ديوين ۽ ديوتائن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ گيتن، ڊرامن ۽ نظمن جي تخليق ٿيندي هئي، جنهن جو وڏو مقصد اهو هوندو هو ته ديوتائن جي اطاعت جو جذبو اڀارجي ۽ سندن خوشنودي حاصل ڪجي. اڳتي هلي جڳ مشهور فلاسفر افلاطون (427-437 ق-م) ادب جو سماجي ڪارج بيان ڪندي چيو ته ”ادب اهو آهي، جنهن مان اخلاق ۽ صداقت جي واڌ ويجهه ٿئي“. لوڪ ڪهاڻين تي نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته جانورن، پکين ۽ ديون جي ڪهاڻين کان وٺي بادشاهن، راڻين، پرين، شهزادين، سورمن وغيره جي عشقيه داستانن مان ڪو نه ڪو اخلاقي درس ملي ٿو. چڱي ۽ بري جي تميز، چڱائيءَ جي سوڀ، مقصد ماڻڻ لاءِ انساني جاکوڙ، تڪليفون، ڏک ڏاکڙا، مظلوم جي داد رسي، ظالم سان جنگ، اهي سڀ ڳالهيون ظاهر ڪن ٿيون ته اوائلي ادب جا خالق پنهنجي ماحول تي نظر رکندا هئا.اڳتي هلي چيو ويو ته ‘ادب زندگيءَ جو عڪس’ آهي.


Remember Me Also:

آنگرجڻ

فعل مجهول. وڙهڻ لاءِ تيار ٿي بِيهَڻ. آنگِريو ، آنگِربو ، آنِگريل.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal